تاريخ اور روايات

تاريخ اور روايات

تاريخ اور روايات

تاريخ اور روايات (اردو ڪتاب ):ڊاڪٽر مبارڪ عليءَ جو هي اردو ڪتاب جبران بڪ ڪمپني حيدرآباد سنڌ پاران 1983ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو ويو آهي. هن ڊيمي سائيز جي 109 صفحن جي ڪتاب جي اردو ڪتاب خود ڊاڪٽر مبارڪ عليءَ جي ڪيل آهي. هن ڪتاب ۾ اخلاقي ۽ ثقافتي قدرن، نسل، خاندان ۽ ذات پات، فياضي ۽ سخاوت، نمڪ حلالي، مجلسي آداب، فن تعمير، الناس عليٰ دين ملو ڪهم، هندستان ۾ فارسي، غير ملڪي اقتدار، ڇا نظريي جي جاڳرتا ممڪن آهي، تاريخ نويسي، تاريخ ڪيئن پڙهائجي، مسلمان حڪمران خاندان ۽ سندن زوال، اسلامي تاريخ يا مسلمانن جي تاريخ جهڙن موضوعن تي لکيو ويو آهي، تاريخ جي شاگردن لاءِ هي ڪتاب اهم آهي، هي ڪتاب ڊاڪٽر صاحب سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ شعبي تاريخ جي استاد واري عرصي ۾ لکيو هو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو